وزيراعظم سي جي لنڪ ڪئنال بند ڪرائي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ باوجود پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪينالکان پوءِ تونسا پنجند لنڪ ڪينال به کولي ڇڏڻ تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي وزيراعظم شھباز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته چشما جھلم تونسا پنجند لنڪ ڪينال بند ڪري فوري طور ھنگامي اپاءُ وٺي سنڌ کي ھڪ لک ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي ڪربلا بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻائي رھي آھي. جيڪو سنڌ کي پاڻي ملي ٿو اھو حڪمران پنھنجي زمينن لاءِ غير قانوني کڻي رھيا آھن،هن چيو ته  حصي جو پاڻي نه ڏئي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. سمنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي وارا تعلقا ڳڙڪائي ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.