ٿي سگهي ٿو نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ ئي چونڊون ڪرايون وڃن: خواجا آصف/ڪنهن مقرري سان تعلق ناهي، چونڊ سڌارن تائين اليڪشن ۾ نه وينداسين: آصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ممڪن آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ ئي نومبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. آرمي چيف جي مقرري بُنيادي مامرو هو، جيڪو عمران خان جي حڪومت جي تبديلي جو ڪارڻ بڻيو، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو سينيارٽي لسٽ ۾ آيو ته اُن تي به غور ڪيو ويندو. برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو اهو به ٿي سگهي ٿو ته نومبر کان اڳ نگران حڪومت هلي وڃي ۽ نئين حڪومت اچي وڃي، آرمي چيف پاڻ اعلان ڪري چڪو آهي ته کيس مدي ۾ واڌ نه گهرجي، جنرل قمر جاويد باجوا جي ان اعلان کي سٺو سنئوڻ سمجهان ٿو، ان سان اڳڪٿين جا دَر بند ٿي ويا. هن چيو ته جنرل رٽائرڊ راحيل شريف به ڪڏهن ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو سڌي ريت يا ڪنهن ذريعي مطالبو نه ڪيو، جيڪڏهن ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو سينارٽي لسٽ ۾ هوندو ته ان جي نالي تي بلڪل غور ڪيو ويندو، انهن سڀني نالن تي غور ٿيندو، جيڪي ان فهرست ۾ موجود هوندا. سندس چوڻ هو ته فوج فيض حميد جو نالو موڪلي ته وزيراعظم وٽ اهو چوڻ جي گنجائش ناهي هوندي ته 5 بدران 3 يا 8 نالا موڪليو. خواجا آصف چيو ته گذريل مهيني جيڪو ٿيو، اهو موقعو ڏئي ٿو ته اسان هڪ نئين بابت جي شروعات ڪيون، آئين جي مقرر حدن جي پاسداري ڪيون، ان ۾ ئي پاڪستان جي بقا آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو منهنجي راءِ آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو طريقي ڪار 100 سيڪڙو ميرٽ تي هجي، آرمي چيف جي مقرري وڏو اهم معاملو آهي، ان کي سياسي بحث نه بڻائڻ گهرجي، ايندڙ آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي عمران خان پنهنجي ذاتي مرضي پئي چاهي، عمران خان چاهيو ته ان جي سياسي مفادن ۽ حڪمراني جي تسلسل جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.اسان جي سياست ۾ ريڊ لائن مڪس ٿي ويون آهن، فوج جو هڪ تقدس آهي ۽ عوامي هنڌن تي فوج تي بحث نه ٿيڻ گهرجي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان مقبول ۽ مشهور اڳواڻ آهي، پر وٽس ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي . هن چيو ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ متبادل طور  آندو ، پر ان جو نقصان ٿيو. هو چاهي ٿو ته اداران نيوٽرل رهڻ بدران سندس پاسي بيهن . هن چيو ته آرمي چيف مقرري عمران جي وڃڻ جو سبب بڻي، ممڪن آهي مقرري کان اڳ ئي چونڊون ٿين. 03

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ)   پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ چونڊ ۽ معاشي سڌارن جون تجويزون ڏيندي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊ سڌارن کان پوءِ ئي چونڊون ڪرايون وينديون، سڪرات ۾ پيل عمران خان کي ڪڍي ملڪ  کي سنڀاليو آهي، معاشي مسئلن مان ملڪ کي اسان کي پاڻ ئي ڪڍڻو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس سمجهايو، سڌارن کانپوءِ چونڊون ڪرائينداسين، سڄو جهيڙو چونڊ سڌارن لاءِ ته آهي، سڌارن ۾ 3 مهينا لڳن يا ڪيترو به وقت لڳي، ان کان اڳ چونڊون نه ٿينديون. هن چيو ته  مطالبو ڪندو رهيس ته چونڊون ڪرايو، پر ڪنهن نه ٻڌي، جڏهن اسان جمهوري طريقي سان حڪومت ٺاهي آهي، ان سموري عمل ۾ پي ٽي آءِ کان هڪ ووٽ به نه ورتو آهي، هو چاهين ٿا ته چونڊون ڪرايون، اسان ڪڏهن چيو ته چونڊون نه ڪرائينداسين؟ سڌارن کانپوءِ اليڪشن ڏانهن وينداسين، هي چونڊن ۾ وڃي ڇا ڪندو؟  هن پنهنجي چئن سالن ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو؟ مان چوندو هيس ڌانڌلي جي حڪومت آهي ، هاڻي اسان جي گيم پلان ۾ چونڊ سڌارا ۽ نيب ۾ سڌارا شامل آهن.  هن چيو ته نئين چونڊ جو راڳ الاپيو پيو وڃي، نين چونڊ بعد به جيڪو ايندو ان لاءِ به ساڳيا مسئلا هوندا، ان ڪري جيڪي هينئر موجود آهن، انهن کي مسئلا حل ڪرڻ ڏيو. هن چيو ته پاڪ فوج خلاف بيان بازي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، مشرف مون کي جيل ۾ قيد ڪيو ان خلاف به مهم نه هلائي، اسان پرويز مشرف کي ڊڪٽيٽر چوندا هئاسين پر ان جي گهر تي ڪاهه ته نه ڪئي، پهريون ڀيرو فوج غير سياسي ٿي آهي ته مون کي باجوا کي سليوٽ نه ڪرڻ گهرجي؟ خط جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته مان ڪو خط ناهي پڙهيو، انهن خط پاڻ ٺاهيو آهي، خط هوندو پر امڪاني طور تي اهو رياست طرفان نه آيو، جيڪڏهن انهن وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪن، باقي خط جو معاملو  عمران جو هٿ ٺوڪيو ۽ سياسي ڊرامو آهي، هن چيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن منهنجو به  دوست آهي، مبينا خط واري ڳالهه درست هجي ها ته هو مون سان ضرور ڳالهائي ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خواجا آصف جو چونڊن بابت بيان سندس سوچ آهي، پر منهنجو نواز ليگ قيادت سان معاهدو آهي، چونڊ سڌارن کان اڳ چونڊ نه ٿيندي، خواجا آصف پارٽي پاليسي جو پابند آهي،  چونڊ سڌارا آڻي پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستانين جي ووٽ ۽ سيٽون ڏيڻ بابت فيصلو  ڪيو ويندو،ڀلي جيڪا به پوسٽنگ هجي يا چيف هجي ان سان اسان جو تعلق ناهي،  آصف علي زرداري چيو ته جيستائين آءِ ايم ايف جو پروگرام نه ٿو اچي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو،  آءِ ايم ايف سان به ڳالهيون ڪنداسين، ملڪي معشيت ڪمزور آهي، سعودي عرب سان تيل جي معاملي تي ڳالهائينداسين، تيل اگهه وڌڻ سان هر شي مهانگي ٿئي ٿي، آصف علي زرداري معاشي سڌارن تي ڳالهائيندي چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس وٽ 100 ارب رپين جو سرمايو موجود آهي، ان مان 60 سيڪڙو پئسا ڪنهن ساک واري سرمائيدار کي ڏيون، بجلي لائين کي به خانگايو وڃي، ان لاءِ پاڪستاني بزنسمين اسان سان گڏ ويهن، اسان سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ سولر پلانٽ ڏينداسين، جنهن سان عوام پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ کانپوءِ بجلي حڪومت کي به ڏئي سگهندو، هن چيو ته عمران خان پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستانين کي بيوقوف پيو بڻائي جن کي ملڪ جي صورتحال بابت ڄاڻ ئي نه آهي، ملڪي مسئلن جو حل پاڪستانين کي پاڻ ڪڍڻو آهي، فوج جي غير سياسي هجڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته آئين تحت فوج غير سياسي هوندي آهي، پوءِ اسان کي سلوٽ ڪرڻ گهرجي يا انهن سان وڙهڻ گهرجي؟ انهن ڪنهن کي اهو نه چيو ته زرداري يا شهباز  شريف کي ووٽ ڏيو، انهن ته صرف اهو چيو ته مداخلت نه ڪنداسين، جيڪو آئين تحت انهن حلف کنيو آهي، جيڪڏهن هو حلف تي رهن ته به هو غلط آهن، جيڪڏهن حلف تي نه رهن ته به غلط آهي اهو قصو هاڻي نه هلندو، شڪر آهي ته هن صورتحال ۾ اهو پتو پيو ته هو غير سياسي رهي سگهن ٿا، نيوٽرل رهي سگهن ٿا، اسان ڪوشش ڪندا رهنداسين ته جو غير سياسي ئي رهن، هن چيو ته عوام جا مسئلا اسان عوامي نمائندن کي ئي حل ڪرڻا آهن، اسان وري ڇا جو پگهار ۽ سهولتون پيا کڻون، مون کي نوابشاهه جي عوام مسئلن جي حل لاءِ ووٽ ڏنو آهي، جيڪڏهن ملڪ هلائڻو آهي ته اسان هلائي سگهون ٿا هي نه ٿو هلائي سگهي، مون پهرئين چيو هو ته هو پنهنجي زور تي ڪرندو ۽ ائين ٿيو، ملڪ ۾ اسان سان ايتريون سازشون ٿيون آهن جو جيڪڏهن ڪا سازش نه پئي ٿئي تڏهن به اسان سازشون پيا ڳوليندا آهيون، ڪراچي ۾ بلوچ عورت جي خودڪش حملي بابت سوال تي آصف علي زرداري چيو ته کيس ان جو ذاتي طور تي صدمو پهتو، ان کي ايترو برين واش ڪيو ويو جو هن تعليم پڙهائيندڙ چين واسين کي نشانو بڻايو، جيڪي سنڌين کي چيني ٻولي سيکاري رهيا هئا، گوادر اسان چين کي ڏنو آهي،  جيڪڏهن ڪو مسئلو  آهي ته اسان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، آصف زرداري چيو ته يوسف رضا گيلان کي ڪڍيو ويو، ججن خلاف مهم نه هلائي، مشرف مون کي 5 سال جيل ۾ رکيو، پر سندس گهر تي هلان نه ڪئي، آئون چاهيان ٿو ته  پرويز مشرف زنده رهي ۽ ڏسي، نيب بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيب جي ڪري بيورو ڪريٽ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڪنهن فائل تي صحيح پيا ڊڄن، بيورو ڪريٽ سياسي حڪومتن جا معاملا هلائين ٿا، نيب سياستدانن کي ڀلي گهرائي پر بيورو ڪريٽن کي ته پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي،  ان لاءِ نيب ۾ غير سياسي آفيسر رکنداسين، جيئن ڪنهن بيورو ڪريٽ کي نيب جو ڊپ نه هجي، تجويز آهي ته بيورو ڪريسي کي نيب کان پري رکيو وڃي، ان لاءِ قانون ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، هن چيو ته گذريل حڪومت سان انهن جا اتحادي به گڏ نه هليا، ڇاڪاڻ ته انهن سندن واعدن تي عمل نه ڪيو، ايم ڪيو ايم سان سياسي ڊيل ڪئي آهي، ان کي صحيح رستي تي لڳائي ڪم وٺڻو آهي، جيڪڏهن انهن کان ڪم نه وٺنداسين ته اتي ڪا ٻئي طاقت اچي ويندي، فيض حميد کي سليوٽ ڪرڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته فيض حميد ته ويچارو سائيڊ لائين آهي. پاڻي جي کوٽ بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جو مسئلو آهي، منهنجو ۽ ٻين جو فصل به متاثر ٿيو آهي، پنجاب ۾ جر مٺو ۽ سنڌ ۾ کارو آهي، سمنڊ بدين تائين اچي ويو آهي، مسئلا آهن آهستي آهستي حل ڪنداسين، پرڏيهه کان صحت جا  منصوبا آڻيون پيا، هڪ ٿر پارڪر ۽ هڪ سڪرنڊ ۾ قائم ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.