مانجهند لڳ دردناڪ حادثو، ڪنڊياري واسي 13 پورهيتن ۽ ٻن عورتن سميت 15 فوت

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ڀرسان انڊس هاءِ  وي تي ٽرالر ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ڪراچي ويندڙ  لوڻ جي ڪارخاني  جي 12  ڳڀرو نوجوان پورهيتن ۽  ٻن  مسافر عورتن سميت 15 ڄڻا فوت  ٿي ويا، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪوئلي سان ڀريل ٽرالر ۽ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهئي لاءِ ڪراچي ويندڙ وين آمهون سامهون ٽڪرائجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۽ ٻن  عورتن سميت 15 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏھن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ ڪنڊيارو لڳ  ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو جا رهواسي 25 ورهين جو عاشق ڪلهوڙو 27 ورهين جو معشوق ڪلهوڙو 30 ورهين جو الطاف ماڇي سندس28 ورهين جو  ڀاءُ سعيد ڪلهوڙو  35 ورهين جو راحب ماڇي 24 ورهين جو شفيع محمد ڪلهوڙو،  22 ورهين جو ساجد سولنگي، آصف ڪلهوڙو، 35 ورهين جو  شفيق ڪلهوڙو، 31 ورهين جو شڪيل ڪلهوڙو، وڪيل ڪلهوڙو ،  سڪندر ڪلهوڙو شامل آھن جڏھن ته مسافر 2  فوتي عورتون ۽ هڪ 12 ورهين جو نينگر به فوت ٿي ويا. فوتين جا لاش ۽ زخمي بسترا نه  هئڻ سبب زمين تي رکيا ويا جنهن ۾ ڊي سي ڄامشورو جي سامهون زمين تي پيل هڪ لاش جي تصوير سوشل ميڊيا ۾ پڻ وائرل ڪئي وئي اسپتال ۾ دوائن جي سهولت نه هئڻ سبب 5 ڄڻن اسپتال ۾ تڙپي دم ڏنو  مانجهند ۽ ڀرپاسي ۾ 15 ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ  ۽ اسپتال جو جنريٽر خراب هئڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا. مانجهند پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، هوڏانهن مانجهند ڀرسان حادثي بعد انتظامي لاپرواهي تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ کي معطل ڪيو ويو جنهن جي تصديق ڊي سي ڄامشورو ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.