لاش اباڻي ڳوٺ روانا، ٻن عورتن ۽ نينگر جا مڙهه سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ايڌي مرڪز حوالي

مانجهند: مانجهند واقعي جي فوتين جي عزيزن جي پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو وارث پنهنجي پيارن جي لاشن کي چپڙي زاروقطار روئندا رهيا ڊي سي طرفان گهرايل ايمبولنسن ذريعي لاش سندن حوالي ڪيا ويا ٻن عورتن ۽ ھڪ نينگر جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش  ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو.03

سوين شھري پهتا، لاشن مٿان اجرڪون وڌيون، زخمين جي سهائتا ڪئي 

مانجهند : مانجهند اسپتال ۾ حادثي جي اطلاع تي سوين شھري پهچي ويا، اسپتال ۾ سهولتن جي فقدان سبب سماجي شخصيت ديدار ميمڻ فوتين جي لاشن مٿان چادرون ۽ اجرڪون وڌيون جڏھن ته زخمين جي لاءِ جوس ۽ ٿڌي پاڻي جي بوتلن جو انتظام ڪيو جڏھن ته سياسي سماجي ڌرين طرفان سخت احتجاج ڪندي ڊي سي جي موجودگي ۾ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي . 03

دير سان پهچڻ تي ايم ايس جو گهيرو، کيس ڌڪا ڏنا ويا

مانجهند: مانجهند اسپتال ۾ ڊي سي ڄامشورو جي پهچڻ تي مڇريل ماڻھن جو سهولتن جي کوٽ خلاف نعريبازڪئي.  ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ کي دير سان پهچڻ تي مڇريل ماڻھن گهيراءُ ڪري مارڪٽ جي ڪوشش کيس ٿيلها ڏنا ويا پوليس کيس ڇڏائي ڪمري ۾ ويهاريو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.