مانجهند: مانجهند ڀرسان خوفناڪ حادثي کان 2 ڪلاڪن بعد ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن ريٽائر فريدالدين مصطفي ۽ ڊي ايس پي آمري جڏھن ته 3 ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايس پي جاويد بلوچ، چئن ڪلاڪن بعد اي سي نظام الدين جتوئي 5 ڪلاڪن کان پوءِ ايم ايس اسپتال نورالله لاڙڪ، ڊي ايڇ او صحت ڊاڪٽر ونود ڪمار ايس پي موٽر وي سميت عملدار پهتا. ڊي سي ڄامشورو اسپتال ۾ پهچڻ تي زمين تي پيل لاشن تي سخت ناراضگي جو اظھار ڪيو جنهن کان پوءِ ڄامشورو مان دوائون گهرايون ويون خراب ڄاڻايل جنريٽر ۾ ڳوٺاڻن تيل وجهرائي هلرايو