مانجهند : مانجهند ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ معجزاڻي طور اڪيلي محفوظ نوجوان انور علي سولنگي ٻڌايو ته ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جا 17 نوجوان وين ۾ سوار ٿي ڪراچي وڃي رهيا هئاسين ته مورو مان ٻه عورتون ۽ ھڪ 12 ورهين جو نينگر به ساڻن گڏ سوار ٿيا، هن چيو ته سفر دوران کيس ننڊ اچي وئي ڌماڪي جي آواز تي سجاڳ ٿيس ته هر طرف ڪيهاٽ هئا عورتن ۽ نينگر کان سواءِ باقي 12 ڄڻا منهنجا عزيز ۽ دوست هئا جن جي سڃاڻپ به ڪئي اٿم، فوتين ۾ ٻه سڳا ڀائر شامل آھن .03