سيوهڻ ڄامشورو روڊ تي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪا سهولت ناهي: قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران مانجهند ويجهو روڊ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي حادثي ۾ فوت ٿي ويندڙن پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيائين آهي ته ڄامشورو ۽ سيوهڻ روڊ تي اڪثر حادثن ٿين ٿا پر ان روڊ تي ڪا اهڙي اسپتال موجود ناهي جنهن ۾ صحت جون مڪمل سهولتون هجي سڄي  سنڌ جيان سيوهڻ کان ڄامشورو روڊ تي پاسن کان موجود شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود سرڪاري اسپتالن ۾ ڪا سهولت ناهي. جو زخمين کي فوري طور ڪا طبي امداد ملي سگهي. هن چيو ته هن قسم جي واقعن وقت نقصان کان بچڻ جي لاءِ هن روڊ تي  تي ايمبولينس سروس سان گڏ هڪ صحت جي سهولتن واري سرڪاري اسپتال ٺاهي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.