ن ليگ کي عمران جي بري ڪارڪردگي جو بار کڻڻ جي ضرورت ناهي:مريم نواز

صوابي( م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت کي چوان ٿي ته عمران خان کي عوام وٽ وڃڻ ڏيو، هن وٽ ڪجهه به ناهي، عمران جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي. صوابي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ن ليگ کي چوان ٿي ته عمران جي بري ڪارڪردگي جو بار کڻڻ جي ضرورت ناهي. مريم نواز چيو ته بي اعتمادي ذريعي عمران کي هٽائڻ ضروري هو باقي ڪا سازش ناهي. هن چيو ته عمران خان کان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جوچيو ويو ته خط کڻي آيو. هن چيو ته عمران کي عوام وٽ وڃڻ ڏيو، خط نااهلي لڪائڻ جو بهانو هو. مريم نواز چيو ته شڪر آهي نااهلن ۽ ڊرامي بازن کان جان ڇٽي وئي، عمران کي هٽائڻ ضروري هو. عمران خان کان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو پڇيو ته خط کڻي آيو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.