خواجا جي بيان جي آجيان، زرداري علائقائي پارٽي جو سربراهه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد( م ڊ)  سڌ سماءُ واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته  وقت کان اڳ چونڊن بابت خواجا آصف جو بيان ساراهه جوڳو آهي. بيانن تي رد عمل ڏيندي  فواد چوڌري چيو ته خواجا آصف جو جلد چونڊن بابت بيان جي آجيان ڪري ٿو، باقي آصف زرداري هڪ علائقائي پارٽي جو سربراهه آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اهم مقرريون نه ٿي ڪري سگهي، اهو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏي. هن چيو ته پارٽي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبرن اخلاقيات جو قتل ڪيو، اليڪشن ڪميشن فيصلو اڳ ۾ ئي لکي ڇڏيو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.