انيلا عطاالرحمان جي جبري موڪل تي اسٽي آرڊر برقرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ جي يونيورسٽين  جي وائيس چانسلر جي جبري موڪل تي موڪلڻ جي واري ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل جي پاران جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت گهري ورتي آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي آگسٽ تائين ملتوي ڪري شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر انيلا عطاالرحمان جي جبري موڪل تي اسٽي آرڊر برقرار رکيو آهي .

ننڍي چونڊ ۽ هنگامي ڪيس ۾ حليم عادل شيخ عدالت ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر)سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ايس 88 تي ننڍي چونڊ ۽ حددخلين خلاف آپريشن دوران هنگامو ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پنهنجي وڪيلن سميت پيش ٿيو، جج جي موڪل جي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 2جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

جيل پوليس جي 39 آفيسرن جي ترقي غير قانوني قرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گريڊ 16 جي جيل پوليس آفيسرن کي ڊي ايس پي جي عهدن تي ترقي ڏيڻ واري عمل کي غير قانوني قرار ڏيندي 39 پوليس آفيسرن جي 17 هين گريڊ جي ترقي جو نوٽيفڪشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪميشن جي امتحان جي بغير گريڊ 17 ۾ ترقي يا مقرري نٿي ٿي سگهي، ترقي جو عمل قانون ۽ سروس رولز جي ڀڃڪڙي آهي، بظاهر ترقي من پسند ماڻهو کي ڏني وئي آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته 2021ع جو 39 جيل جي آفيسرن کي 14گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو،ان سال ئي 10 نومبر تي غير قانوني طور تي ڊي ايس پي جي عهدن تي ترقي ڏني وئي .

ايم اين اي علي وزير جي 5 لک رپين عيوض ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ايم اين اي علي وزير جي 5 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته علي وزير کي گرفتار ڪرڻ وقت قومي اسمبيلي جي اسپيڪر کان اجازت نه ورتي وئي هئي، ڪيس ۾ محسن داوڙ .منظور پشين ۽ ڊاڪٽر جميل کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي، ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جي ضمانت کي به چئلينج ڪيو، سهراب ڳوٺ جي جلسي ۾ چرڏيايندڙ تقرير تي گرفتار هو، سپريم ڪورٽ هڪ ٻئي ڪيس ۾ به ضمانت ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.