دادو، سکر، جيڪب آباد ۾ گرمي پد 48 ڊگري ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب 11 کان 16 مئي تائين سنڌ صوبي ۾ سخت گرمي رهندي. جنهن دوران ڪراچي ۾ ڏينهن جو وڌ ۾ وڌ ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو جڏهن ته دادو، سکر ،لاڙڪاڻو ،جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز ،خيرپورميرس ،شڪارپور ۽ گهوٽڪي جي ضلعن ۾ گرمي پد 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي.ٻئي پاسي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) عوام کي درخواست ڪئي آهي ته اهي گرمي جي لهر کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن. جن ۾ غيرضروري طور تي ڏينهن جو 11 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين گهر مان ٻاهر ڪنهن به ريت نه نڪرن، جيڪڏهن گهر کان ٻاهر وڃڻ ضروري هجي ته ڪوشش ڪئي وڃي ته ڇانوَ وارو رستو اختيار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.