لياري ايڪسپريس وي جي متاثرن کي زمين ڏيڻ لاءِ مهلت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ لياري ايڪسپريس وي جي متاثرن کي متبادل زمين ڏيڻ واري ڪيس ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر  ياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ ڪي ڊي اي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت چيو ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو ته پلاننگ ڪري مسئلو حل ڪيو ويندو، عدالت چيو ته اڃا گهڻو وقت لڳندو، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو ته هڪ کان ٻه مهينا لڳي ويندا، عدالت چيو آگسٽ تائين مهلت ڏئي رهيا آهيون اڳتي وقت نه ڏنو ويندو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

ايس بي سي اي جي 6 آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ڪوثر سلطانهتي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لياقت آباد نمبر 2 ۾ غيرقانوني اڏاوت واري ڪيس ۾ سمورن ذميوار  ايس بي سي اي جي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ايس بي سي اي 6 آفيسرن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اياز شها، سينيئر انسپڪٽر زبير مرتضيٰ، انسپيڪٽر ڪليم احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر شڪيل احمد جمالي، فرقان ۽ ياور خان شامل آهن، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هنن خلاف ڪيس داخل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

نارٿ ناظم آباد جي بنگلي مان 11 سالن جي گهريلو ملازمه بازياب

ڪراچي ( رپورٽر ) پوليس نارٿ ناظم آباد جي بنگلي مان 11 ورهين جي ٻارڙي کي بازياب ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نينگري گهر جي ملازمه آهي. پوليس اختيارين موجب نارٿ ناظم آباد بلاڪ اين جي علائقي تيموريا ۾ ڇاپو هنيو ويو، جتي نعمان نالي شهري جي بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو، ڪارروائي سنڌ پوليس جي چائلڊ اينڊ وومين پروٽيڪشن سيل ڪئي. واقعي جو ڪيس تيموريه ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته نعمان نالي هڪ شهري ڇوڪري کي ڊفينس ۾ پنهنجي بنگلي تي رکيو هو پر بعد ۾ کيس نارٿ ناظم آباد جي بنگلي تي وٺي آيو، نعمان ڇوڪريءَ کي حراست ۾ وٺي سندس والدين کان 25 هزار رپيا ڀنگ طلب ڪيو،

ڪورنگي ۾ شهري جي فائرنگ، ڦورو مارجي ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪورنگي پوليس جي ترجمان موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون ندي ويجهو  فائرنگ ۽ قتل جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب مهراڻ ٽائون ندي ويجهو معراج هوٽل وٽ ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن شهرين کي ڦر ڪيو، ان دوران باقر شاهه نالي هڪ شھري مزاحمت تي پنهنجو پستول ڪڍي ورتو ۽ جوابدارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويو ۽ ٻيو سندس ساٿي فرار ٿي ويو. مارجي ويل جي  سڃاڻپ 35 سالن جي اميد علي ولد پرويز علي طور ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.