5600ميگاواٽ شارٽ فال جي دعويٰ درست ناهي: توانائي وزارت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) توانائي واري وزارت جي ترجمان اليڪٽرانڪ ميڊيا تي لوڊشيڊنگ جي دعويٰ جي ترديد ڪئي آهي. اربع ڏينهن توانائي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ترجمان چيو آهي ته ڪجهه چينلن طرفان 5600 ميگاواٽ شارٽ فال جي دعويٰ درست ناهي. 20000 ميگاواٽ پيداواري صلاحيت جي ڪوڙي دعويٰ ۾ ڪا به صدارت ناهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن وڌ کان وڌ بجلي جي پيداوار 22600 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 9 وڳي تائين لوڊ مينجمينٽ ٻڙي هو. 9 وڳي ڪوٽا ۾ 21500 ميگاواٽ طور نظرثاني ڪئي وئي جنهن سان 10 کان 11 وڳي تائين اٽڪل 500 ميگاواٽ لوڊمينجمينٽ ڪيو ويو. 11:30 تي ٻيهر طلب ۽ رسد برابر هئي ۽ لوڊمينجمينٽ نه ڪيو ويو. جڏهن ته سمورن ڊسڪوز طرفان سي ڪيٽيگري مطابق گهٽ وصولي وارن فيڊرن تي لوڊمينجمينٽ جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.