لنڊن(م ڊ) لنڊن ۾ حسن نواز جي گهر ٻاهران پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي ته ن ليگ جا ڪارڪن به ميدان ۾ اچي ويا، جنهن بعد ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿي ويون، ٻنهي هڪٻئي جي خلاف نعرا هنيا، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ ن جا سينيئر اڳواڻ لنڊن ۾ موجود آهن، نواز شريف سان گڏجاڻي ڪري اهم معاملن تي مشاورت ڪري رهيا آهن.