ڪنڌڪوٽ ۾چونڊ چهٽو، اميدوارن جوڙ توڙ تيز ڪري ڇڏي، گڏجاڻيون

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ مزاري گروپ جي سياسي هلچل بعد صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي ۽ مير محبوب علي بجاراڻي پاران آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري  ضلعي جي موجوده صورتحال کان آگاه ڪيو ويو.  ذريعن وٽان اها به معلومات ملي آهي ته ضلعي پ پ جا اڳواڻ آصف علي زرداري سان ملاقات وقت ضلعي اندر پنهنجن پنهنجن حمايتن کي پ پ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تي آگاهه ڪيو. مزاري گروپ جي سردار سليم جان مزاري پاران ڪنڌڪوٽ ۾ سياسي جوڙ توڙ پيدا ڪرڻ بعد بجاراڻي گروپ ۽ سندراڻي گروپ وچ ۾ ملاقاتن ۽ رابطن جو سلسلو جاري آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ سردار سليم جان مزاري گروپ جي اتحادي اميدوارن جون گڏجاڻيون به معمول بڻيل آهن.ڪنڌڪوٽ ۾ مزاري گروپ جي اتحادي آغا شمس الدين پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ سندس جي بيٺڪ تي گڏجاڻي ٿي گذري ۽ سندس اتحادي جماعت جي يو آءِ جا ضلعي اڳواڻ به گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي جتي ٻنهي اتحادين ڪنڌڪوٽ جي 16 وارڊن مان ڪٿي ڪٿي حمايتي يافتا اميدوار بيهندا ان لسٽ کي جامع شڪل ڏني وئي ۽ اڪثريت رکندڙ اميدوارن جا نالا فائينل ڪري هڪ ٻئي جي سپورٽ ڪرڻ جو وچن ڪيو. ڪنڌڪوٽ جي 16 وارڊن مان جي يو آءِ پاران اڪثريت مزاري گروپ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ڪجه وارڊن ۾ جي يو آءِ پنهنجن اميدوان کي بيهاري رهي آهي جتي سردار سليم جان مزاري جو گروپ کين پنهنجي طاقت سان هنن کي سپورٽ ڪندي.مزاري گروپ جي 16 وارڊن مان 10 وارڊن تي مزاري گروپ جي حمايتي يافتا اميدوارن جي حق ۾ جي يو آءِ جي اميدوارن جي ويهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مزاري گروپ جي اميدوارن پاران امڪاني پ پ جي ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ عابد سندراڻي جي حمايتي يافتا اميدوارن جي سامهون آزاد حثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

  • لعلو رائنڪ  واسين مڪاني  چونڊن ۾ پ پ کي رد ڪري ڇڏيو

لعلورائنڪ (رپورٽر: بدرالدين مغيري) منور پنهور، لالا حفيظ پٺاڻ، آزاد چانڊيو، جي ايم وڳڻ، عبد الله پنهور، ڪامريڊ غلام  حسين مغيري، سھڻو  خان، شاھه غازي بلوچ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي اليڪشن جون چونڊون 2018 ۾ ٿيون جنهن ۾ پ پ پ جا نمائيندا ڪامياب ٿيا جيڪي چونڊجڻ بعد نمائيندا ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرائي سگھيا ھاڻي ڪجھ نوان چھرا مختلف جماعتن، پاڪ سرزمين پارٽي، جي يو آ۽ عوامي اتحاد ٽائون وڳڻ  ۽ آزاد اميدوار ميدان ۾ آيا آھن کين آسرو آھي ته شهرين جا بنيادي مسئلا حل ڪندا ۽ ترقياتي ڪم ڪرائيندا ھنن اهو به چيو ته پراڻا چونڊيل نمائيندا اسان ۾ ڪابه اميد نه رکن  ووٽ وٺڻ جي لا۽ اسان وٽ اچڻ لا۽ کين ڪارڪردگي پڇي ويندي.

  • جيڪب آباد  ۾ جي يو آءِ جي امير جا مختلف ڳوٺن جا دورا 

جيڪب آباد ( ڊر ) جمعيّت علماءِ اسلام ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پوري ضلعي ڳڙهي خيرو، ٺل، جيڪب آباد، ميرپور، مبارڪپور،آباد رانجھاپور ،ڳڙهي چنڊ،، رمضان پور ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جو دورو ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته جي يو آءِ  کي ضلعي جيڪب آباد ۾ ھن وقت تائين 200 کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون مليون آهن ۽ مختلف پارٽين پاران اتحاد جي آفر ٿي آهي. ڊاڪٽر اي جي انصاري مختلف اجتماعن کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ۾ سرپرائيز ڏينداسين . وڌيڪ چيو ته بي ڊي اليڪشن ۾ ڪنهن ڀوتار يا بيوروڪريٽ زيادتي ڪئي ان کي جواب ڏنو ويندو.، جلد فائنل اميدوارن جو اعلان ڪيو ويندو، ان موقعي تي ضلع جنرل سيڪريٽري سيد عبدالباسبط شاھ، مولانا عبدالجبار رند مولانا سليم الله بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي بي ڊي چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو

  • مڪاني چونڊون، جهول ۾ف ليگ ۽ پ پ ۾ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو

جهول (ن ع آ) جهول بلدياتي اليڪشن جون تياريون تيز ٿي ويون، ف ليگ، پ پ، ن ليگ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو، پ پ پاران اصل ڪارڪن ناراض بلندياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي جھول شھر ۾ وڏو نقصان فنڪشنل مسلم ليگ جو رستو صاف جيتڻ جا امڪان آهن، فنڪشنل مسلم ليگ صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي جي بنگلي تي عوامي ميلا متل ڊاڪٽر صاحب علائقي جي غريب ڏٿڙيل ماڻهن جي ڏينهن هجي رات هجي طوفان،  ڀرساتون هجن پارٽي کان هٽي ڪري بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندو رهي ٿو جهول ۽ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گورمينٽ نه هئڻ ڪري به رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن علائقي جي ڏک ۽ غم ۾ ضرور شرڪت ڪندو آهي ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي کي شهري توڙي علائقي جا ماڻهو مصعيو سمجهندا آهن اهڙي طرح ڊاڪٽر محمد هاشم خاصخيلي جي سليڪشن مطابق ٽائون ڪاميٽي جهول ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي قيادت سان صلاح مشوري بعد بلندياتي اليڪشن ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ تي فڪر محسوس ڪندڙ نوجوانن جي ٽيم اليڪشن وڙهڻ لاءِ ميدان تي لاٿي آهي جنهن عمير احمد انصاري، محسن قادر هنڱهورو، ڏيون فقير مينگهواڙ، سندس وڏو فرزند فقير نگرخان عرف وڪي خاصخيلي ۽ هڪ مسمات نواب جنڙ جي گهر واري جن فارم ڀرائي پنهنجي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن بهترين نوجوانن جي ٽيم ٽائون ڪاميٽي جهول تي اچڻ ڪري مخالف ڌر هيئر کان ئي بوکلاهٽ جو شڪار بڻيل واضح رهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت اصل حقيقي ايم آر ڊي تحريڪ کان وٺي اڄ تائين قربانيون ڏيندڙ ڪارڪن کي پٺ تي رکيو آهي ۽ کين اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ٽڪيٽون ناهن ڏنيون جنهن سبب پ پ جا پراڻا جيالا نواز ن ۾ شموليت اختيار ڪري پ پ جي سامهون بلدياتي اليڪشن وڙهي رهيا آهن پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري مختلف برادرين جنهن تبمراڻي، خاصخيلي، مڪراني بلوچ، شر بلوچ، کرل، جلالاڻي ۽ ٻين برادرين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي اهڙي طرح بلندياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي ڪپاري ڌڪ رسندو آزاد اميدوار به ميدان تي لٿل آهن هر ڪو پنهنجي حصي مطابق جيتڻ جا جتن ڪري رهيو آهي جيت هميشه حق سچ جي ٿيندي اهڙي طرح جهول شهرين ۾ سروي دوران عوام پيپلزپارٽي کان ناراض آهي هن ڀيري جهول ٽائون تي فنڪشنل مسلم ليگ جو ظاهري طور پلڙو ڀاري نظر اچي رهيو آهي.

  • لاڙڪاڻي ۾ مڪاني چونڊ، نامزدگي فارم وصول ڪرڻ سلسلو جاري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ شهر ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي سيٽن تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو جتي مجموعي طور تي 42 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا جنهن ۾ حيدري ٽائون ڪاميٽي لاءِ 7، سچل ٽائون ڪاميٽي لاءِ 12، ايمپائر ٽائون ڪاميٽي لاءِ 10 ۽ تعلقي لاڙڪاڻي لاءِ 13 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا جڏهن ته دڙي ٽائون ڪاميٽي لاءِ ڪو به اميدوار نامزدگي فارم وصول ڪرڻ لاءِ ڪو به پهتو. هوڏانهن مختلف سياسي سماجي مذهبي ۽ قومپرست جماعتن طرفان مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سرگرميون ۽ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

  • پنو عاقل ۾ بلدياتي اليڪشن، نامزدگي فارم ڀرڻ جو سلسلو جاري

پنوعاقل ( ت ر )  پنوعاقل ۾ به بلدياتي اليڪشن جي اميدوارن پاران يوسين توڙي وارڊن ۾ نامزدگي فارم ڀرڻ جو سلسلو جاري،پيپلز پارٽي پاران اميدوارن کان درخواستون وٺي فارم ڀرڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽون ڏيڻ کانپوءِ ناراض گروپين به پنھنجا جدا جدا پينل سامھون آڻي ڇڏيا،جڏھن  ته جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوارن به پنھنجي پينلنن جو اعلان ڪري فارم ڀرڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو، ھوڏانھون جي ڊي اي،فنڪشل ليگ توڙي آزاد اميدوارن پنھنجي چيئرمين، وائيس چئيرمين،ضلعي ڪونسل جي ميمبر توڙي جنرل ڪونسلرن جا اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن،چيو وڃي ٿو ته پيپلز پارٽي پاران عارضي طور اميدوارن جا نالا پڌرا ڪرڻ کانپوءِ ٻين گروپين جا اميدوار سامھون اچڻ سان ھتي پيپلز پارٽي،جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوارن ۾ چوٽيءَ جو مقابلو ٿيندي نظر پيو اچي،ٻئي طرف پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ جي ساٿي سڏيو ويندڙ ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو ۽ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جو حمايتي تعلقي صدر ميان عبدالقوي انڍڙ توڙي جي يو آءِ جي اڳواڻن مولانا محمد صالح انڍڙ،مولانا غلام الله ھاليجوي ۽ ٻين پئيلنن پاران جدا جدا اليڪشن ڪئمپيون لڳائي مھم تيز ڪري ڇڏئي آھي.

  • ڏوڪري ۾ مڪاني چونڊ سرگرميون، 36 اميدوارن جا فارم جمع

ڏوڪري (ت ر)  ڏوڪري ۾ مڪاني چونڊن ۾ فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، 36 اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرائي  ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي ۾ يونين ڪائونسل 37 کان 41 جي آر او اسٽنٽ ڪمشنر عبدالمجيد زهراڻي، آر او 42 کان 46 ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالعزیز چاچڙ، آر او ڏوڪري ۽ باڊھ ٽائونز مختيار ڪار عبدالوحد زنگيجو وٽ 36 کان وڌيڪ مختلف پارٽين جي اميدوارن پاران نامزدگي جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. آر او اسٽنٽ ڪمشنر عبدالمجيد زهراڻي، آر او  ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالعزیز چاچڙ، آر او ڏوڪري ۽ باڊھ ٽائونز مختيار ڪار عبدالوحد زنگيجو، فوڪل پرسن نثار احمد سولنگي، آصف ڀٽو، مقصود ميراڻي، گلاب جتوئي ۽ ٻين چيو ته فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي مخلتف پارٽين جي اميدوارن پاران 36 نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

  • پ پ جيڪب آباد اميدوارن جو اعلان نه ڪري سگهي

جيڪب آباد ( ڊر  ) جيڪب آباد ۾ پيپلز پارٽي اڃا تائين پنهنجي اميدوارن جو اعلان نه ڪري سگهي آهي. پارٽي ٽڪيٽ ڪنهن کي ڏني  ويندي، پ پ جا عهديدار پريشاني ۽ سوچ ويچار جو شڪار ٿي ويا آهن ، اليڪشن ڪميشن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 13 مئي مقرر ڪئي وئي آهي پيپلزپارٽي جي طرفان اڃا تائين اميدوارن جي حتمي شڪل نه ڏئي سگهي آهي ميونسپل ڪميٽي جي 31 وارڊن ۾ هن ڀيري اميدوارن سخت مقابلي جا امڪان آهن، وڪيل، صحافي، نوجوانن جي وڏي تعداد هن ڀيري بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي فارم رٽرننگ آفيسر کان وصول ڪيا آهن جنهن سبب شهري اڳوڻي بلدياتي نمائندن جي ڪارڪردگيءَ مان سخت ناراض آهن ۽ جيڪڏهن هن ڀيري پ پ پاران اڳوڻين نمائندن کي ٻيهر ميدان ۾ لاٿو ويو ته وڏي نقصان جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ پ پ جيڪب آباد جي ضلعي صدر لياقت لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي ۾ مڪاني ادارن جي اميدوارن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سياسي حڪمت عملي موجب اميدوارن جو اعلان ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد ڪيو ويندو، جيڪب آباد ميونسپلٽي جي 31 وارڊن ۾ 250 کان وڌيڪ اميدوارن ٽڪيٽن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.

  • گھوٽڪي جا سمورا  پ پ اڳواڻ  ھڪ پليٽ فارم تي گڏ آهن: محمد بخش مهر

خانپورمهر ( ن ع آ )  پ پ ايم اين اي  محمد بخش خان مھر پاران مھر ھائوس خانڳڙھ شريف ۾  پ پ پ  اڳواڻ مير فياض علي خان لنڊ،پ  پ گھوٽڪي ضلعي صدر مير بابر علي خان لنڊ،  سردار ممتاز علي خان پتافي، حافظ غلام حيدر سنگھڙ، سيد عابد شاهه، محمد حنيف ملھڻ ربن خان ملھڻ،  عبدالرشيد ملھڻ، محمد شريف ملھڻ، محمد صالح سولنگي سميت مختلف شخصيتن سان ميٽنگ ڪئي وئي،  پ پ ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سندس فرزند مير شھباز خان لنڊ سردارڳڙھ واري رھائش گاهه  تي پھچي پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر سان ملاقات  ڪئي، جنھن دوران مڪاني چونڊن جي حوالي سان مختلف معاملن تي ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي.ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ گڏيل اميدوار آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو، مختلف وفدن سان ملاقات دوران پ پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر چيو ته پ پ سان لاڳاپيل گھوٽڪي ضلعي جا سمورا اڳواڻ ھڪ پليٽ فارم  تي گڏ آھيون ۽ گڏ رھنداسين. سمورا اڳواڻ  پارٽي قيادت جي ھدايتن تي ھلندي ھر سيٽ تي مشاورت سان اميدوار بيھارينداسين.

  • خيرپور جي نوجوان پاران آزاد اميدوار  طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور وارڊ نمبر 9 جو نوجوان آزاد اميدوار ڪائونسلر جي لا۽  آصف حيات راجپوت کي منتخب ڪيو ويو آھي سينئر  سياستدان عمردراز راجپوت پاران  نوجوان سماجي اڳواڻ آصف حيات راجپوت کي آزاد اميدوار لاء منتخب ڪري ورتو   ۽ ورڪ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، وارڊ نمبر 9  مان اوسته گاھي ذوالفقار ڪالوني ڊٻر  ۽ وارڊ 9 جي باشعور  نوجوانن وارڊ  جي ووٽرن آصف حيات راجپوت جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، وارڊ نمبر 9 جي عوام بنا ڪنھن پارٽي جي ٽڪيٽ کان سوا۽  آصف حيات راجپوت کي اميدوار چونڊيو آهي۔آصف حيات راجپوت ۽ والد محترم محمد حيات راجپوت،سينئر سياستدان عمردراز راجپوت،  صحافي ارشد علي راجپوت، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شروع کان وٺي عوام جي خدمت ڪئي آهي ڪندا رهنداسين ساگي پليٽ فارم آزاد حيثيت سان ورڪ  جاري ڪري ڇڏي آزاد اميدوار جي پليٽ فارم تان وارڊ نمبر 9 جي عوام جي خدمت لاءِ منهنجا دروازا 24 ڪلاڪ کليل آهن،  آصف حيات راجپوت  چيو ته ھن باشعور عوام ننڊن وڏن منھن تي  اعتماد ڪيو آهي ته انشالله وڏي اڪثريت سان ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندس ۽ عوام جي خوشحالي ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندس،  ان موقعي تي  رمضان رند، استاد انور موريجو،جاويد راجپوت حاجي عبدالحميد،نظير احمد راجپوت۔ياسين بلوچ۔عمران ملڪ۔ ارشد آرائين۔ جاويد ملڪ ،تنوير ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

  • لاڙڪاڻي ۾ چونڊ سرگرميون تيز، حيدري ٽائون لاءِ اميدوار نامزد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ چهچٽو تيز ٿيندو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي وڏي ڀاءُ کي شهر  جي حيدري ٽائون جي يوسي 2 تي چيئرمين جي پارٽي قيادت پاران ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صحافي ۽  پ پ يوسي 2 جي چيئرمين جي اميدوار منير احمد سومرو چيو آهي ته آءُ  پ پ قيادت جو انتهائي احسان مند آهيان، جن مون مٿان اعتماد ڪري مون کي چيئرمين شپ جي ٽڪيٽ ڏني آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ هر اها يوسي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کٽي آهي، هاڻي به عوام تي ڀروسو آهي ته اهي پي پي پي جي اميدوارن کي ئي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏئي اڳ جيان ڪامياب ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حيدري ٽائون ۾  پ پ حڪومت پاران ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ جن به ماڻهن جي نالي يا گهٽي جي فرش بندي ٿيل نه آهي ته اهي مون سان وابطو ڪن ته انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ويندو. هن چيو ته چونڊجڻ بعد آفيس کي ٽائيم گهٽ ڏيندس پر يوسي جي هر وارڊ ۾ روزانو جي بنياد تي دورا ڪري ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور ئي عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ هن ڀيري به يوسي 2 جو عوام وڏي اڪثريت ۾ ووٽ ڏئي اسان کي ڪامياب ڪندو

  • هالاڻي ۾ چونڊ سرگرميون، پ پ ۽ جي يو آءِ ۾ مقابلي جا امڪان

ھالاڻي  (ن ع آ) ھالاڻي اندر مڪاني چونڊ لاءِ ٽائون ڪميٽي جي 7 وارڊن ۾ پ پ پ ، جي يو آءِ ۽ آزاد اميدوار سرگرم ٿي ويا، جڏھن  ته ھالاڻي  ٽائون جي چيئرمين لاءِ پ پ ۽ جي يو آءِ ۽ آزاد اميداوارن ۾ وڏو دنگل ٿيڻ جو امڪان آهي، مختلف پارٽين پاران پوري ٽائون ڪميٽي اندر پنھنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن جڏھن ته  ٽائون اندر نوجوان به چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پڻ ميدان تي لٿل آهن ٽائون ڪميٽي ھالاڻي جو عوام ھاڻي پراڻن مان بيزار ٿي نوا چھرا ڏسڻ چاھي ٿو جڏھن تہ ھن مقامي چونڊن ۾ سخت مقابلو ٿيڻ جو امڪان آهي، ھوڏانھن پ پ پاران اڳوڻو ٽائون ڪميٽي چيئرمين ذوالفقار علي اعواڻ، سيد عاقل شاھ، سيد بابر شاھ ۽ ٻين پڻ ٽڪيٽن لاءِ قيادت وٽ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سيد بابر شاھ جو چوڻ هو تہ ھالاڻي شھر پ پ جو ڳڙهه رھيو آھي پيپلزپارٽيءَ پاران بي گھر ماڻهن کي گھر ڏنا غريب عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ جا ڪارڊ ڏنا ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جڏھن تہ سياستدانن پاران فوتگين جون تعزيتن جو به سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.