خيرپور ۾مئل ڍورن جو گوشت وڪرو ، هڪ ڄڻو گرفتار

خيرپور(  ڊ ر  )خيرپور شهر ۾ مئل ڍورن جي گوشت وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽنڊومستي جو واپاري  گل المعروف گلو بروهي علائقي جا مئل ڍور لوڊر تي کڻائي خيرپور شهر جي نظاماڻي محلي جي ڪاسائين کي وڪرو ڪري ٿو ان سلسلي ۾ لوڊر جي ڊرائيور ٽنڊومستي شهر کان مئل ڳئون خيرپور شهر ڏانهن کڻي اچي رهيو هيو ته رستي ۾ پوليس کيس روڪي ورتو ۽ ان کان پچاڳاڇا ڪئي جنهن تي لوڊر ڊرائيور چيو ته مان مال جي واپاري گل عرف گلو بروهي جا روزانو بيمار ۽ مئل ڍورن سير ڏئي خيرپور جي واپارين کي گھٽ اگھ تي وڪرو ڪندو آهي پوءِ گوشت جا واپاري اهي بيماري ۽ مئل ڍورن جو گوشت خيرپور جي هوٽل وارن کي پڻ وڪرو ڪندو آهي هوڏانهن پوليس لوڊر ڊرائيور جي اهڙي انڪشاف ڪرڻ کان پوءِ واپاري گل عرف گلو بروهي کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي پر گل بروهي گرفتار ناهي ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.