حيدرآباد: جهيڙي ۾ مارجي ويل ٻن نينگرن جو قتل ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ڦليلي واري علائقي جي نشاط چوڪ وٽ پڪوڙن جي خريداري واري معاملي تان ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن نينگرن جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڦليلي پوليس 11 ورهين جي نينگر عبدالمعيز آرائين ۽ 10 ورهين جي عليان قريشي جي قتل واري واقعي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا. ڄاڻايل ڪيس سندن والدين جي فرياد تي جوابدار فيصل يوسفزئي، سندس ڀائرن يونس عرف ڪالو ۽ احمد عرف جيجا سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيا هئا. گذريل ڏينهن ڳجهي اطلاع تي ڦليلي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻٽي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار فيصل يوسفزئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار کي لاڪ اپ ڪري کانئس روپوش ٿي ويل ٻن ڀائرن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته 6 مئي 2022ع تي نشاط چوڪ وٽ پڪوڙن جي دڪان تي خريداري دوران مڪراڻي بلوچ ۽ يوسفزئي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو ۽ فائرنگ دوران 2 نينگر زخمي ٿيا جن اسپتال ۾ دم ڏنو هو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.