ڌاٻيجي لڳ ڪوسٽر پورھيتن مٿان چڙھي ويو، 2 ڄڻا فوت، ڌرڻو

ڌاٻيجي (ن ع آ) اڄ صبح فجر محل ڪراچي کان ڪهينجر سير ڪندڙ ويندڙ، 2 تيز رفتار ڪوسٽرن جي ريس جي  مقابلي دوران مين نيشنل تي ڪڪڙين جو واپار ڪندڙ پورهيت سوزڪي مان ڪڪڙيون لاهي رهيا ھئا ته رانگ سائيڊ تي ڪراس تان ڪراس ڪندي هڪ ڪوسٽر پنجن پورهيتن مٿان چڙھي وئي جنهن سبب عمران سولنگي، محرم خاصخيلي موقعي تي چئيپائجي فوت ٿي ويا جڏھن ته3ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ڪوسٽر ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي گجو ڀرسان گرفتار ٿي ويو وارثن پاران روڊن جي ٻنهي پاسن جي حدد خلين خلاف آپريشن ڪري غير قانوني روڊ تي ويٺل ريڙھن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي ٻئي پاسي  وارثن پاران لاش مين نيشنل هائي وي تي رکي ڌرڻو هڻي 3 ڏينهن اندر حد دخليون هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻيهر نيشنل هائي وي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن کانپوءِ جنازي نماز غريب آباد مارڪيٽ جي قبرستان ۾ ادا ڪئي سوين ماڻھن جي آلين اکين ۾ جنازو مٽي ماءحوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.