ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور انڊس ھاوي راڻو اسٽاف لڳ موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن ڪري موٽر سائيڪل سوار الله ورايو چاچڙ موقعي تي فوت جڏھن ته ٽريڪٽر ٽرالي به ڪلٽي ٿي پئي جنهن ڪري مسمات روبينا جکراڻي به فوت ٿي جڏھن ته ارباب خاتون، حسن جکراڻي، پٺاڻ خاتون، سدھوجي خاتون زخمي ٿي پيا جنهن کي ڪنڌ ڪوٽ اسپتال آندو ويو زخمين جي حالت ناساز ھئڻ سبب ٻاھر منتقل ڪيو ويو فوتين جي لاشن جو ضروري قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.