گهوٽڪي جي ڪچي ۾ چوڪي انچار يرغمال، سرڪاري هٿيار ڦر

گهوٽڪي( رپورٽ: آزاد مهر ) گهوٽڪي ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ۾ سندراڻي دمدمو پوليس چوڪي تي مبينه طور نامعلوم هٿياربندن  حملو ڪري چوڪي انچارج اصغر سيال کي مبينه طور يرغمال بڻائي سرڪاري رائفل ۽ گوليون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب مغوي عثمان ڪولاچي جي بازيابي لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران هي واقعو پيش آيو، جنهن ۾ چوڪي انچارج اصغر سيال کي رسن سان ٻڌي يرغمال بڻائي سرڪاري هٿيار رائيفل ۽ گوليون مبينه طور ڦر ڪيون ويون، واقعي بعد آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن پهچي ساٿي اهلڪار جا رسا کولي کيس آزاد ڪرايو، ياد رهي ته مغوي عثمان ڪولاچي جي بازيابي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي پوليس پاران ٽن ڏينهن کان گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي آپريشن ۾ مغوي ته بازياب نه ٿي سگهيو، البته پوليس پنهنجا هٿيار به ڦرائي ڇڏيا، ايس ايس پي گهوٽڪي اظھر مغل جي ناڪام حڪمت عملي سبب پوليس آپريشن جي فلاپ ٿيڻ جا امڪان پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.