ڏهرڪي ۾ احتجاجن رنگ لاتو، ايس ايڇ او بدلي، ڏوهاري گرفتار

ڏھرڪي ( ن ع آ ) ڏهرڪي احتجاجن رنگ لاتو،  وڌنڌڙ  بدامني  کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ  ايس ايس پي  گهوٽڪي  اظهر مغل  ايس ايڇ او ڏهرڪي   شفيع گولو بدلي  ڪري  اطهر علي چنه ڏهرڪي کي نئون ايس ايڇ او ڏهرڪي مقرر ڪري ڇڏيو   اطهر چنه  ٿاڻي جي چارج سنڀاليندي بهترين ڪاروائي  ڪٽا مھاڻا پل تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو، ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي پوليس دعويٰ ڪئي آهي  ايس ايڇ او ڏهرڪي اطهر چنه ميڊيا کي ٻڌايو ته  گرفتار ڏوهاري  پنهجي چئن ساٿين سان گڏ ڏوه جي ارادي سان بيٺل هئا  گرفتار ڏوھاري جي سڃاڻپ محمد شفيق شر ولد محمد پهلوان شر  ويٺل شهر ڪوٽ سبزل پنجاب  طور ٿي آھي جنھن کان ڏھرڪي پوليس ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون آهن  ڏوھاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ھئا، پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي  ڏوھارين جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ ڏهرڪي پوليس اسپتال کڻي آئي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.