ننگرپارڪر(رپورٽ:لياقت سمون)ٿر ۾ روزاني بنيادن تي ٿيندڙ خودڪشين جا خوفناڪ اثرات پوڻ شروع ٿي ويا آهن،ننگرپارڪر تعلقي ۾ ٻن ڏينهن اندر هڪ گهر اندر 2 معصوم ٻارڙن جي آپگهات بعد علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي ۽ مختلف ڳوٺن ۾ هفتي اندر خودڪشين جو انگ 5 ٿي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ساڏورس ۾ ھڪ معصوم نينگر 11ورهين جي سونو پٽ مگهن ڪولهي گھرن کان ٻاهر ڪنڊي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي پنهنجي ذندگي جو ڏيئو اُجھائي ڇڏيو آهي،ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته 2 ڏينهن اڳ فوتي نينگر جي سڳي سئوٽ ناري ڏيو ڌيءَ چيتن ڪولهي پُڻ خودڪشي ڪئي ھئي،جيڪا ڳوٺ اوڻ ۾ مال جي واڙي تي رھندڙ هئي، اصل ڳوٺ ساڏورس آهي. اُنھي جي عمر چوڏانھن سال ھئي، ٻن ڏينهن ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جي خودڪشين بعد علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي، نينگر سونو پٽ مگهن ڪولهي ٻڪريون چارييندو ھو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو،جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.