پني عاقل ۾ ڊائريا تي ڪنٽرول نه ٿيو، ٻارڙي فوت

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل ۾ ڊائريا وبا بي قابو ٿي وئي آهي، ڊائريا وبا سبب شهر جي ملڪ آباد ڪالوني ۾ 4 ورهين جو معصوم عاليان ملڪ فوت ٿي ويو، صحت کاتو به ڊائريا وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، تعلقه اسپتال ۾ ڊائريا وبا جي علاج لاءِ ڪي به سهولتون موجود نه آهن، صحت کاتي پاران ڊائريا وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن، ڊائريا وبا سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته ٻارڙي عاليان ملڪ کي ڊائريا ٿي وئي هئي جنهن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال آندو جتي ڊائريا جي علاج لاءِ ڪي به سهولتون نه هيون جنهن سبب اسان جو ٻارڙو علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊائريا وبا 3 ڏينهن ۾ ٻن معصوم ٻارڙن جون حياتيون ڳڙڪائي وئي آهي ۽ شهر ۾ ڊائريا وبا ۾ 10 کان وڌيڪ ٻارڙا مبتلا آهن، متاثرن صحت کاتي جي اعليٰ  اختيان کان مطالبو ڪيو آهي ته ايم ايس تعلقه اسپتال خلاف ڪاروائي ڪري ڊائريا وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي تعلقه اسپتال ۾ ڊائريا وبا جي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.