قمبر لائبريري ۾ سھولتن جي کوٽ خلاف شاگردن جو احتجاج

قمبر (ت ر)قمبر جي پبلڪ لائبرري ۾ سهولتن جي آڻ ھوند خلاف شاگردن راشد گوپانگ،سھيل احمد، ادريس جوڻيجو، ڪامران علي،  ريحان چانڊيو، نجف علي ۽ ٻين پبلڪ لائبريري جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري اختيارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لائبريري جو ڪم هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي لائبريري اندر پڙهڻ لاءِ بڪس ۽ ويهڻ لاءِ فرنيچر بجلي نه آهي جنهن ڪري تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي شاگردن وڌيڪ چيو ته لائبريري ۾ سهولتون نه هئڻ ڪري هتان جا شاگرد لاڙڪاڻي ڪرايا ڀاڙا خرچ ڪري لائبريري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن ٿا هنن مطالبو ڪيو ته لائبريري ۾ فرنيچر ڪتاب بجلي ۽ عملي سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن جيئن بهتر تعليم حاصل ڪري سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.