اعليٰ عدالتي نظام ۾ پسند ناپسند جون روايتون ختم ٿيڻ گهرجن

گلشن اقبال (ن ع آ)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھه ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھه ڪراچي ۾ پنھنجي  رھائشگاھه تي وڪيلن جي وفد سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سنڌ سان پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين ھر اداري ۾ ناانصافي ٿيندي رھي آھي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ملڪ ۾ انصاف ڏياريندڙ اداري عدالتي نظام ۾ پڻ سنڌ سان ناانصافي ٿيندي رھي ٿي. ھن وقت به سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ايڊھاڪ جي بنياد تي ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي مقرري لاءِ  چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ملڪ جي ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ وڪيلن جن سنڌ جو ڪوڙو ڊوميسائل ٺھرائي سنڌ ۾ رھائش اختيار ڪئي آھي. انھن جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ايڊھاڪ ججز طور سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏانھن مقرري لاءِ سفارش ڪئي وئي آھي، جيڪا سنڌ جي وڪيلن ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ برابر آھي، هن وڌيڪ چيو ته ھميشه اھا ئي پريڪٽس رھي آھي، جنھن ڪري اڄ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪو به سنڌي ڳالھائيندڙ جج موجود نه آھي. جنھن ڪري عدالتي نظام ذريعي پڻ سنڌ سان ناانصافي ٿيندي رھي ٿي. ھن وقت سنڌ ۾ نوجوان وڪيلن ۽ اعليٰ تعليمي يافته تجربو رکندڙ سنڌ جي سينيئر وڪيلن کي نظرانداز ڪري ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ وڪيلن جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ايڊھاڪ ججز جي مقرري جي سفارش ڪرڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙي ھڻڻ برابر آھي. ان ڪري سنڌ جي تمام بار ڪائونسلن مان سنڌ جي وڪيلن کي ڀرپور مزاحمت ۽ طاقتور آواز اٿارڻ گھرجي ته جيئن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ ڪو به جج سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ايڊھاڪ جج طور مقرر نه ٿي سگھي، سيد جلال محمود شاھه وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالتي نظام ۾ سفارش ۽ ذاتي پسند ناپسند جون روايتون ختم ڪري عدالتي نظام کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ميرٽ ۽ اھليت جي بنياد تي ملڪ جي چئني صوبن سان تعلق رکندڙ ججن کي پنھنجي صوبن اندر مقرريون ڪرڻ گھرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.