جيڪب آباد لڳ ٽرانسفارمر لاهيندڙ شخص گرفتار

جيڪب آباد ( ڊر ) جيڪب آباد ويجهو شيراپور مان سو ڪي وي جو ٽرانسفارمر لاهي ڪري کڻي ويندي هڪ شخص کي مولاداد پوليس مزدا سميت گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي رابطي تي مولا داد پوليس جو چوڻ آهي ته سيپڪو جو ٽرانسفارمر چوري ڪندڙ جوابدار پپو ڀٽي کي مزدا سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، ٻئي طرف سيپڪو جي مولاداد فيڊر جي لائن سپرنٽينڊنٽ علي لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٽرانسفارمر جي چوري تي عدم لا علمي جو اظهار ڪندي چيو ته مولاداد جي ڪنهن به ڳوٺ مان ڪو به ٽرانسفارمر نه لاٿو ويو آهي، اهو معلوم ڪيان ٿو ته ٽرانسفارمر ڪير لاهي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.