پ پ جي ڊگهي ڊور ۾ ماڻهن کي سهولتون ناهن مليون: معظم عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي اي ايم پي اي معظم علي عباسي ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان مختلف  علائقن سان واسطو رکندڙ اميدوارن توڙي شهرين سان وليد جي ڪوٽ دراب خان عباسي ۾ ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي ايم پي اي معظم علي عباسي ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي شهر کي ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي ۽  پ پ جي ڊگهي سنڌ ۾ حڪومت جي اقتداري دور ۾ لاڙڪاڻي واسين کي جديد بنيادي سهولتون ملي نه سگهيون آهن، جنهن ڪري شهر جو عوام انهن کان بيزار ٿي ويو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن سان عباسي خاندان جو روحاني رشتو آهي، اڳ به ٻه ڀيرا لاڙڪاڻي واسين مونکي وڏي اڪثريت ۾ ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ موڪليو آهي. هن چيو ته هن ڀيري به لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۾ شامل  پ پ مخالف سياسي توڙي مذهبي جماعتن سان گڏجي هر يوسي توڙي ٽائونن ۾ صلاح مشورا ڪرڻ کان پوءِ اميدوار بيهاريا ويندا ۽ اميد آهي ته لاڙڪاڻي جا شهري لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اميدوارن کي ووٽ ڪري سوڀارو ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.