آريجا واسي نوجوان گم، لاڙڪاڻي ۾ ڀاءُ جو مدد لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان خير محمد آريجا واسي نوجوان گم ٿي ويل ذهني مريض ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج  ڪيو. ان موقعي تي نوجوان غلام رسول کوکر دانهيو ته منهنجو 19 سالن جو ذهني مريض ڀاءُ عبدالرحمٰن کوکر 15 ڏينهن اڳ گهرا نڪرڻ بعد گم ٿيو جنهن کي خير محمد آريجا سميت آسپاس جي ڳوٺن ۽ مختلف شهرن ۾ ڳولا جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي گذريل 15 ڏينهن کان سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.