سکر ۾ پنوعاقل واسين جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سکر (رپورٽر  ) سکر ۾ پنو عاقل جي رهواسين نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو، جمن ملڪ، نيڪ محمد، اربيلو،  سڪينه بيبي، حڪيم بي بي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل هفتي ٻڪري چورن فائرنگ ڪري ڀورل ملڪ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڪينٽ پوليس هڪ جوابدار منظور بلو کي گرفتار ڪيو آهي،  جوابدارن جا وارث قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، گذيل ڏينهن به هنن حملو ڪيو آهي، اسان جي جان کي خطرو آهي، ڪينٽ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.