ڪنري لڳ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس چڙهائي

ڪنري (ت ر) عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن ڪنري، نبي سر روڊ، ٽالھي، بودر فارم ۽ ٻين ٿاڻن جي بڪتربند گاڏي ۽ 6 پوليس موبائلن ۾ شامل پوليس اٽالن ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو جي اڳواڻي ۾ ڪنري ڀرسان ڳوٺ مھپاري ۾ اشتھاري انعام يافته ڏوھارين انور عرف بگھڙ خاصخيلي ۽ لال محمد عرف لالو خاصخيلي جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ھنيو، پوليس ڄاڻايل ڏوھارين جي گھرن تي چڙھائي ڪئي ۽ آسپاس جي جھنگ ۾ آپريشن ڪيو، پر ڏوھاري کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنھن بعد پوليس مايوس ٿي خالين ھٿين واپسي موٽي آئي ڪنري پوليس موجب سنڌ سرڪار طرفان ڏوھاري انور عرف بگھڙ تي 5 لک ۽ لال محمد عرف لالو تي 3 لک روپيا انعام مقرر ٿيل آھي، ٻئي ڏوھاري ڀائر قتل، ڌاڙن، ڦرن، چورين ۽ ٻين وارداتن ۾ 100 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گھربل آھن. جنھن جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو پر ڏوھاري ھٿ نه اچي سگھيا. واضع رھي ته ڄاڻايل ڏوھارين خلاف پوليس اڳ به ڪيئي ڀيرا آپريشن ڪري چڪي آھي. پر ناڪام وئي ۽ ھن ڀيري ۾ خالي ھٿين موٽي آئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڏوھاري پوليس جي ڪاروائي کان اڳ ئي کسڪي ويا ھئا. پوليس فوٽو سيشن ڪرائي واپسي آسپاس جي ڳوٺن ۾ خوف ڦھلائي خالي ھٿين موٽي آئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.