لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، موٽر سائيڪل هٿ، 6 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، ماسٽر  چاٻي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪيٽي ممتاز پوليس گهربل جوابدار سجاد شيخ کي رپيٽر ۽ ڪارتوسن سميت، سول لائين پوليس سرگرم جوابدار جاويد لغاري کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، ايئرپورٽ پوليس گهربل جوابدار نصير سولنگي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، رتوديرو پوليس موٽرسائيڪل چور گينگ جي ڏوهاري سرفراز بوزدار کي بغير لائسنس پسٽل، گولين، ماسٽر چاٻي ۽ چوري ڪيل موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.