روهڙي لڳ چور گهر ٻهاري ويا، پوليس خاموش

روهڙي (ن ع آ) روهڙي ٿاڻي جي حد لوڪوشيڊ ڪالوني جي 80 چوڪ واري علائقي مان نامعلوم چور گذريل رات شبير احمد سرڪي جي گهر جا تالا ٽوڙي گهر مان  قيمتي سامان ٻهاري فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ رشيد پريمي ۽ وڪي جي دڪان مان به چوري جون وارداتون ٿي چڪيون آهن.  جنهن جي اطلاع باوجود روهڙي پوليس چوري جي وارداتن کي روڪڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي جنهن ڪري چوري جي وڌندڙ وارداتن سبب رهواسين ۾ خوف ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ان سلسلي ۾ رهواسين ايس ايس پي سکر‎‎ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

  • مٺي جو نوجوان ڌنيش ڪمار واسو ديهانت ڪري ويو

 

مٺي (بيوروچيف) مٺي جو نوجوان ڌنيش ڪمار واسو ديهانت ڪري ويو مٺي جو رهواسي نوجوان ڌنيش ڪمار ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪالهه ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو نوجوان گذريل  ڪجهه ڏينهن کان بيماري سبب اسپتال داخل هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو سندس فوتگي جو اطلاع ملندي سوڳ واري فزا قائم ٿي وئي سندس مڙھه رات سندس گهر مٺي آندو ويو سندس اگني سنسڪار اڄ صبح نو وڳي ٿيندي فوتي نوجوان جي عمر 33 سال هئي جڏھن ته چئن ٻار جو والد هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.