نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي زيادتين خلاف نٽهڻ اس تي ڌرڻو

نوابشاه(بيورو رپورٽ) ڳوٺ شھمير چانڊيو جي وڏيرن ۽ بااثرن جي ستايلن ڳوٺاڻن جو غلام نبي چانڊيو نويد چانڊيو طارق رضا چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي م شديد گرمي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو  هنيو جتي اڳواڻن چيو ته علائقي جا بااثر زميندار قربان چانڊيو ۽ لطف چانڊيو ھٿ سان چوريون ڪرائي ڳوٺ شريف غريب ھارين کي بللاجواز ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائن ٿا تازو اسان ننڍن آبادگارن جي ھارين رب نواز مير نواز محمد نواز خلاف تعلقي ٿاڻي تي چوري جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مظاهرين ايم پي اي فريال ٽالپر آصف علي زرداري ۽ ايس ايس پي امير سعود مگسي کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن جي ظلم جو نوٽيس وٺي پوليس کي لغام ڏني وڃي ڪوڙن ڪيسن مان جان ڇڏائي اسان غريب ماڻهن کي زندگي گذارڻ ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.