حيدرآباد اسپتال ۾ مريض جي وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو، صورتحال خراب

حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد ۾ گذريل رات دير سان هڪ مريض سان گڏ ايندڙ ماڻهن ۽ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن وچ  ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب ايمرجنسي وارڊ ۾ صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ همراهه ڪامران پنهنجي فيملي کي وٺي علاج لاءِ اسپتال پهتو هو. ، جتي هن ڊاڪٽر تي مريض کي نه چڪاسڻ جو الزام هنيو جنهن تان مريض سان گڏ آيل ان همراهه ۽ سندس ٻين مائٽن ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ ڳالهه جهيڙي تائين وڃي پهتي. جهيڙي سبب ايمرجنسي وارڊ ۾ پهتل ٻيا مريض سخت پريشان ٿي ويا. ڊاڪٽرن جي اطلاع تي اسپتال ۾ قائم پوليس چوڪي جي اهلڪارن پهچي مبينا طور جهيڙو ڪندڙ ڪامران نالي همراهه کي چوڪي تي منتقل ڪيو. ان دوران ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر روشن چانڊيو ۽ ٻيا ڊاڪٽرز به چوڪي تي پهتا. اطلاع تي مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او محمد خان برهماڻي به چوڪي تي پهتو. ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر فيضان مطابق ايس ايڇ او مارڪيٽ معاملو حل ڪرڻ بدران مريض سان گڏ آيل همراهه ۽ ڊاڪٽرن جي تلخ ڪلامي کي بنياد بڻائي ڌرين کي ٿاڻي منتقل ڪيو، جن ۾ سندن ايسوسيئيشن جو صدر روشن چانڊيو به شامل هو. اهڙي اطلاع بعد ڪجهه وڪيل اڳواڻ ۽ ينگ ڊاڪٽرز ٿاڻي تي پهتا. ڊاڪٽر فيضان مطابق ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عرفان علي ٻگهيو ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر روشن چانڊيو ٿاڻي تي ڳالهيون ڪري معاملي کي حل ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پوليس حراست ۾ ورتل ماڻهن کي به آزاد ڪري ڇڏيو. ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد خان برهماڻي جي رويي جي مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته هن کي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي ۽ اسپتال جي چوڪي تي مقرر اهلڪارن کي به هٽائي اتي ٻيا اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ڊاڪٽرز احتجاج تي مجبور ٿي پوندا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.