نوابشاهه ۾ بدامني ، موٽر سائيڪل چوري معمول بڻيل

نوابشاھ( بيورو رپورٽر) نوابشاھ شھر ۾ ڪجھ ڏينھن جي ساھي کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيھر موٽرسائيڪلن جي چورين جي وارداتن ۾ شدت اچي  وئي آھي ضلعي انتظاميہ پاران سياسي سماجي حقلن جي احتجاجن کانپوءِ شھر جي مصروف ترين ڪاروباري علائقن سرڪاري آفيسن ٻاھران سيف سٽي پلان تحت 200 کان وڏيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ واري ڪوشش بہ ڪا ٻوٽو ٻاري نہ سگھي آھي غريب پورھيت طبقو ۽ شاگرد طبقو پنھنجي جمع پونجي گڏ ڪري موٽرسائيڪل وٺن ٿا تہ چاٻي چورن پاران بنا خوف خطري جي موٽرسائيڪلن جي چوري جي ڌُم متل آھي نوابشاھ جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي چند قدمن تي سڪرنڊ روڊ واري پٽي تي قائم ٿيل الڪريم اڪيڊمي ٻاھران چودگي شھر جي صحافي محمد پناھ رند جو نوجوان شاگرد ڀائٽيو اياز گل رند پنھنجي 2018 ماڊل جي سي ڊي سيونٽي موٽرسائيڪل اڪيڊمي ٻاھران بيھاري پاڻ اڪيڊمي ۾ ٽيوشن پڙھڻ لاءِ ويو تہ پٺيان ڏينھن ڏٺي جو مصروف علائقي مان اڻڄاتل موٽرسائيڪلن جي گروھ جا چاٻي چور سندن موٽرسائيڪل چورائي فرار ٿي ويا موٽرسائيڪل جي چوري جي اين سي ايئرپورٽ ٿاڻي تي اياز گل رند پاران اڻڄاتل چورن خلاف ڪٽرائي وئي آھي.  پر نوابشاھ پوليس شھر ۾ موٽرسائيڪل جي چورن جي وارداتن ۾ آيل شدت باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪيو آھي متاثر نينگر شاگرد اياز گل رند پنھنجي چاچي محمد پناھ رند سان گڏجي نوابشاھ پريس ڪلب پھتو ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو تہ اسين معياري ۽ بھتر تعليم پرائڻ لاءِ شھر کان 20 ڪلوميٽر پري پنھنجي ڳوٺ کي ڇڏي وقت سيڙائي نوابشاھ اچون ٿا ھڪ غريب ۽ پورھيت پيءَ پنھنجي ٻچن کي ڪھڙين حالتن مان گذري موٽرسائيڪل کي وٺي ڏئي ٿو ان جو احساس تہ غريب والدين ڪري سگھن ٿا ھنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو تہ شھر مان موٽرسائيڪلون چورائيندڙ چورن خلاف ڪريڊ ڊائون آپريشن شروع ڪيو وڃي ۽ اسان سميت شھرين جون چورايل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.