ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد ۾ 7 سال اڳ پاڻي جي معاملي تي جھيڙي دوران احسان علي جروار قتل ۾ ملوث جوابدار سڪندر علي جروار کي ميرپورخاص جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پاران ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ٽي سال اڳ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي، عدالت پاران ڏنل سزا کي جوابدار پاران هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويئي جنهن تي عدالت پاران ڪيس کي ساڳي عدالت ۾ هلايو ويو جتي جوابدار جي عمرقيد جي سزا کي ڦاهي جي سزا ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ هڪ لک روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حُڪم ٻڌايو ويو ڏنڊ مقتول جي وارثن کي ادا ڪيو ويندو.