ساهرن وٽ بيت الخلاء نه هجڻ تي نئين ڪنوار آپگهات ڪري ڇڏي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ نئين ڪنوار ساهرن جي گهر ۾ بيت الخلاء نه هجڻ تي آپگهات ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تامل ناڊو سان واسطو رکندڙ 27ورهين جي عورت راميا مبينا طور تي پنهنجي مڙس پاران گھر ۾ بيت الخلاء نه ٺهرائي ڏيڻ تي ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو.

رپورٽن موجب راميا فارماسسٽ هئي ۽ هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي، ڪارٿڪيان سان ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو واسطو رهڻ بعد نيٺ 6 اپريل تي هنن جي شادي ٿي وئي.

پر شادي جي تقريبن هڪ هفتي کانپوءِ راميا پنهنجي ماءُ جي گھر واپس اچي وئي، ڇو جو مڙس جي گھر ڪا بيت الخلاء نه هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب مڙس هن کي خاطري ڪرائي ته هو بيت الخلاء واري سهولت وارو گھر جلد ڪرائي تي وٺندو پر مبينا طور تي ان پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو، ان بعد راميا مايوس ٿيندي وئي ۽ 6 مئي تي پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪيائين.

رپورٽن موجب راميا جي ماءُ هن کي ڪمري ۾ ساڙيءَ سان ٽنگيل ڏٺو، جڏهن ته هن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائين ٿي رهي هئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو ۽ ٻن ڏينهن تائين اتي رکيو ويو پر سومر تي هن دم ڏئي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عورت پاران آپگهات ڪرڻ کان اڳ ڪو خط ناهي لکيو پر پوليس کي داخل ڪرايل شڪايت ۾ راميا جي ماءُ الزام هنيو ته مڙس جي گھر ۾ بيت الخلاء نه هجڻ ڪري سندس ڌيءَ پريشان هئي ۽ اها ئي ڳالهه آپگھات جو ڪارڻ بڻي.

ان کانسواءِ جاچ مان اها به خبر پئي ته ڪنوار جو پيءُ ان رشتي تي ڪاوڙيل هو، جنهن ڪري هن شادي ۾ شرڪت به نه ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.