عورت کي مارڻ کانپوءِ دفنائڻ دوران قاتل پاڻ به مري ويو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ شخص عورت کي گھٽو ڏئي مارڻ کانپوءِ ان کي دفنائڻ دوران پاڻ به مري ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي اختيارين ٻڌايو ته 60 ورهين جو شخص جوزف ميڪ ڪينن آمريڪي رياست ڪيرولينا جي علائقي ٽرينٽن ۾ پنهنجي گھر جي پٺيان ٺهيل باغ ۾ عورت کي گھٽو ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ ان کي دفنائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري مري ويو.

رپورٽن موجب جاچ دوران گھر ۾ کوٽيل کڏ ۾ 65 ورهين جي عورت (پيٽريسيا روٿ ڊينٽ) جو لاش به مليو، جنهن کي گھٽو ڏئي قتل ڪيو ويو هو، کڏ مان عورت جي لاش کي ڪچري جي دٻي ۾ ويڙهيل هٿ ڪيو ويو.

رپورٽن موجب جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميڪ ڪينن پيٽريسيا تي حملو ڪيو ۽ ان کي گھٽو ڏئي قتل ڪيو، جڏهن ته قاتل دل جو دورو پوڻ ڪري مري ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.