ماهرن ڪورونا وائرس جو وڏو خطرو ٻڌائي ڇڏيو!

 

ڪووڊ 19 سان گھڻو بيمار ٿيندڙ ماڻهن ۾ ڊگھي وقت تائين دماغ ڪمزور رهڻ جو خطرو وڌندو آهي ۽ ذهانت جي سطح به متاثر ٿيندي آهي.

برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ امپيريل ڪاليج لنڊن جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪووڊ 19 جي سنگين ڪيسن ۾ دماغي عمر ۾ 20 سالن تائين جو اضافو ٿي سگھي ٿو.

انهي طرح وبائي مرض جي نتيجي ۾ آءِ ڪيو ليول به 10 پوائنٽس تائين گھٽجي سگھجي ٿي.

ان تحقيق ۾ اهڙن 46 مريضن کي شامل ڪيو ويو هو، جيڪي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيا هئا.

ان ماڻهن جون عمريون 23 کان 83 سالن تائين هيون ۽ هو 10 مارچ کان 31 جولاءِ 2021 دوران بيمار ٿي علاج هيٺ رهيا هئا.

انهن ماڻهن جي حالت جو جائزو 6 کان 10 مهينن تائين ورتو ويو ۽ نتيجن مان معلوم ٿيو ته ڪووڊ 19 سان گھڻو بيمار ٿيڻ کانپوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جي دماغي افعالن تي ان طرح جا ناڪاري اثر ٿيا، ڄڻ دماغي عمر ۾ 20 سالن جو اضافو ٿي ويو هجي.

انهن مريضن جي دماغي افعالن تي بدترين اثر پوندا آهن، جن کي ڪووڊ جي ڪري وينٽي ليٽر سپورٽ تي رکيو ويندو آهي.

تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته ڪووڊ سان گھڻو بيمار ٿيندڙ ماڻهن جي دماغي افعالن ۾ ڪمزوري جو تسلسل بيماري کي شڪست ڏيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ به برقرار رهي ٿو ۽ مريض جي حالت ۾ سست رفتاري سان بهتري ايندي آهي.

محققن موجب دماغي ڪمزوري جا اهي اثر آءِ ڪيو ليول ۾ 10پوانٽس گھٽتائي جي برابر هوندا آهن.

هنن چيو ته ان ماڻهن جي روزمره جي افعالن، انهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحت ۽ ٻين معاملن تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.

هڪ ڪاٿي موجب رڳو برطانيا ۾ ئي ڪووڊ 19 کي شڪست ڏيندڙ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو کي ڊگھي مدي جي بنيادن تي دماغي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

اهڙي طرح ڪووڊ سان وڌيڪ بيمار ٿيندڙ ماڻهن کي به ڪنهن حد تائين دماغي ڪمزوري کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، جيئن مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت، ڳالهائڻ دوران لفظن جي چونڊ ۾ ڏکيائيون وغيرا.

محققن موجب دماغي مرضن جهڙوڪ ڊيمينشيا يا عمر وڌڻ سان دماغي افعال متاثر ٿيڻ عام هوندو آهي پر جيڪي اثر اسان ڪووڊ 19 ۾ ڏٺا، اهي سڀ کان الڳ آهن.

هن تحقيق جا نتيجا اي ڪلينڪل ميڊيسن ۾ شايع ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.