شائرا راءِ ”مس ٽرانس پاڪستان“ جو ٽائيٽل کٽيندڙ پهريون پاڪستاني کدڙو فقير

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني کدڙي فقير شائرا راءِ پاڪستان جي پهرئين ”مس ٽرانس پاڪستان“ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

دبئي ۾ ترسيل پاڪستاني کدڙو فقير شائرا راءِ نه رڳو ماڊل پر گلوڪار، اداڪار، اسڪرين رائيٽر ۽ پروڊيوسر به آهي.

شائرا راءِ ٿائلينڊ ۾ ڪوٺايل کدڙن فقيرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي حسن جي مقابلي ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ اهو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي.

مختلف رپورٽن موجب شائرا راءِ کي ان حسن جي مقابلي ۾ شرڪت لاءِ مالي وسيلن جي تنگي جو منهن ڏسڻو پيو هو، جڏهن ته ان فتح هاڻي هن جي راتو رات زندگي مٽائي ڇڏي.

شاهرا راءِ جو پنهنجي ان ڪاميابي تي چوڻ آهي ته مون کي اڄ به ياد آهي ته پنهنجي گلوڪاري ۽ پنهنجي موسيقي صلاحيتن کي ميڊيا جي نظر ۾ آڻڻ لاءِ ميڊيا ۽ بلاگز جي پويان پڄندي هئس پر هو مونکي نظر انداز ڪري ڇڏيندا هئا، مس ٽرانس پاڪستان جو تاج ملڻ کانپوءِ منهنجي زندگي گھڻي مٽجي وئي.

شاهرا راءِ ڪيترين ئي فلمن ۽ پنهنجي ڳايل گانن جي وڊيو ۾ اداڪاري به ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.