محمد رضوان ڪائونٽي ۾ بهترين بيٽنگ جو ڪريڊٽ پوجارا کي ڏئي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جا اسٽار ڪرڪيٽر انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ سسيڪس جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.

سيزن جي شروعاتي ميچن ۾ قومي ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ڪا وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ٻئي پاسي ڀارت جو چيتيشور پوجارا رنسن جا انبار لڳائي رهيو آهي.

هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٻڌايو ته نيٽ پريڪٽس دوران ڀارتي اسٽار سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته هن جو چوڻ هو ته جنهن قدر ممڪن ٿي سگھي بالن کي پنهنجي جسم جي ويجهو کان کيڏ، ايشيائي ڪنڊيشنز ۾ گھٽ سوئنگ جي ڪري وڌيڪ هٿ کولي سگھون ٿا پر انگلينڊ ۾ اهو مناسب ناهي هوندو، پوجارا جي ان صلاح تي عمل ڪيو ۽ ايندڙ ميچ ۾ 79 رنز جي اننگز کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.

سندس چوڻ هو ته گذريل ڪجهه عرصي ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ وڌيڪ کيڏڻ جي ڪري ڪنڊيشنز کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿي پر پوجارا جي صلاح سان بهتري اچي وئي.

ياد رهي ته ڊرهم خلاف ميچ ۾ ٻنهي بيٽرن ڏکي صورتحال ۾ 154 رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.