شو دوران نوجوان ڇوڪريءَ امام الحق کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر امام الحق کي شو دوران هڪ ناري شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.

امام الحق خانگي ٽي وي چئنل جي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي. شو دوران ميزبان قومي ڪرڪيٽر کان ڪيترائي سوال ڪيا.

ان موقعي تي ناظرين ۾ ويٺل امام الحق جي هڪ مداح کيس شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.

ڇوڪريءَ چيو ته ڇا توهان مون سان شادي ڪري سگهو ٿا؟ مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه جو ڀرم رکجو.

ناريءَ جي ان آڇ تي امام الحق کلندي جواب ڏنو ته مان ڇا ٿو چئي سگهان، ان لاءِ توهان کي منهنجي ماءُ ڏانهن وڃڻو پوندو، هوءَ توهان کي ان ڳالهه جو صحيح جواب ڏئي سگهي ٿي.

امام الحق جي ان جواب تي ڇوڪريءَ چيو ته توهان سان شادي لاءِ مان هر هنڌ هلي وينديس، بس توهان ها ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.