پروڊيوسر اداڪارا نمرا خان جا پئسا کائي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا نمرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته لاهور جو هڪ پروڊيوسر هن جا ۽ منزا عارف جا پئسا کائي ويو.

هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي نمرا خان چوڻ چيو ته لاهور جي پروڊيوسر ذوالفقار حيدر اسان کان ڊرامي جي 15 ڏينهن واڌو شوٽ ڪرائي ۽ چيو ته توهان گھر پهچندئو ته ان جو چيڪ توهان کي ملي ويندو.

هن ٻڌايو ته مان ان پروڊيوسر سان پهرين به ڪم ڪيو هو ۽ دوستي هئي، جنهن ڪري ان تي يقين هيو.

نمرا خان ٻڌايو ته ان شوٽ تي مون سان گڏ ڪاسٽ ۾ منزا عارف، علي جوش، ڪرن کانسواءِ گھڻا فنڪار هئا پر پروڊيوسر ڪنهن کي به پئسا نه ڏنا هئا.

پروگرام جي ميزبان پاران پئسا نه ملڻ تي پروڊيوسر خلاف ڪو قدم کڻڻ جي سوال تي نمرا خان جواب ڏنو ته هو ڄمي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.