ڌاٻيجي : نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڪوسٽر پنج پورهيتن مٿان چڙھي ويو 2ڄڻا فوت ، 3 ڄڻا سخت زخمي

ڌاٻيجي ۾  نيشنل هائي تي تيز رفتار ڪوسٽر پنج پورهيتن  مٿان چڙھي وئي 2ڄڻا  فوت ۽ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

ڪراچي کان ڪهينجر سير ڪرڻ لاءِ ويندڙ , تيز رفتار ڪوسٽرن جي ريس  مقابلي دوران مين نيشنل  هائي وي تي ڪڪڙين جو واپار ڪندڙ پورهيت سوزڪي مان ڪڪڙيون لاهي رهيا ھئا ته رانگ سائيڊ تي ڪراس تان ڪراس ڪندي هڪ ڪوسٽر پنجن پورهيتن مٿان چڙھي وئي جنهن سبب عمران سولنگي ..محرم خاصخيلي موقعي تي چئيپائجي فوت ٿي ويا جڏھن ته3ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ڪوسٽر ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي گجو ڀرسان گرفتار ٿي ويو  ……

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.