سون کي پَر لڳي ويا، هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 1300 رپيا وڌي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 35 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1115 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 16 هزار 341 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 11 ڊالر گهٽجڻ سان 1852 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.