اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي ڦريل ايم اين ايز بابت ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڦري ويل قومي اسيمبلي جي ميمبرن بابت ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن پي ٽي آءِ جي 20 ڦري ويل ميمبرن خلاف داخل ريفرنس تي گڏيل راءِ سان فيصلو ڏيندي خارج ڪيو.

پي ٽي آءِ جي ڦريل ميمبر نور عالم خان جي وڪيل گوهر خان دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ چوڻ هو ته نه پي ٽي آءِ ڇڏي آهي ۽ نه ئي پارليماني پارٽي، بعد ۾ پارٽي چيو ته بي اعتمادي تي ووٽ ڏجو، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته پارٽي تسليم ڪيو نور عالم انهن جو ڪارڪن آهي.

وڪيل گوهر خان وڌيڪ چيو ته نور عالم خان ٽي اپريل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ چيو هو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪريو، پارٽي ٻيهر ڪا هدايت نه ڪئي ته توهان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪريو، نور عالم ڪنهن ٻي پارلياماني پارٽي ۾ شموليت اختيار ناهي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن ميمبر پڇيو ته نور عالم خان بي اعتمادي رٿ واري ڏينهن ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟ جنهن تي ان جي وڪيل جو چوڻ هو ته نور عالم خان بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ڪاسٽ ناهي ڪيو.

نور عالم خان جي وڪيل جو چوڻ هو ته هن جي اصل تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو نٿو ٿئي، اهي چون ٿا ٻارن جي شادي نه ٿيندي، اهي اسان جي ٻارن لاءِ ايترو فڪرمند ڇو آهن.

نور عالم خان جي وڪيل چيو ته سيڪريٽري جنرل پاران جاري شوڪاز نوٽيس جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، نور عالم خان اڃا به پي ٽي آءِ ميمبر آهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فل ڪورٽ نااهلي ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي سگھون ٿا.

ڪميشن ميمبر ناصر دراني پڇيو ته ڪيئن نتيجو ڪڍيو ته اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ ئي فيصلو ٻڌائي سگھي ٿي؟ جنهن تي گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ ان تي فيصلو ڏئي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.