فوج پهريون ڀيرو غير سياسي ٿي آهي، سڌارن کانپوءِ چونڊون ٿينديون: آصف زرداري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مان گذريل رات نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس سمجهايو، سڌارن کانپوءِ چونڊون ڪرائينداسين، سڌارن ۾ ڪيترو به وقت لڳي، ان کان اڳ چونڊون نه ٿينديون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اڄ تائين مان چوندو آيو آهيان ته چونڊون ڪرايو، اسان حڪومت ٺاهي آهي ۽ هو چاهين ٿا ته چونڊون ڪرايون، اسان ڪڏهن چيو ته چونڊون نه ڪرائينداسين؟ سڌارن کانپوءِ اليڪشن ڏانهن وينداسين، هي چونڊن ۾ وڃي ڇا ڪندو، هن پنهنجي چئن سالن ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو؟ مان چوندو هيس ڌانڌلي جي حڪومت چونڊون ڪرايو ته ڪير نه ٻڌندو هو.

هن چيو ته مان گذريل رات نواز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس سمجهايو، ان سان مشاورت کانپوءِ ڳالهائي رهيو آهيان، مان کيس سمجهايو ته سڌارن کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊ سڌارا 3 مهينن ۾ ٿيندا، اسان جي گيم پلان ۾ چونڊ سڌارا ۽ نيب ۾ سڌارا شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج خلاف بيان بازي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، مشرف مون کي جيل ۾ قيد ڪيو ان خلاف به مهم نه هلائي، اسان پرويز مشرف کي ڊڪٽيٽر چوندا هئاسين پر ان جي گهر تي ڪاهه ته نه ڪئي، پهريون ڀيرو فوج غير سياسي ٿي آهي ته مون کي باجوا کي سليوٽ نه ڪرڻ گهرجي؟

خط جي حوالي سان آصف زرداري چيو ته مان ڪو خط ناهي پڙهيو، انهن خط پاڻ ٺاهيو آهي، خط هوندو پر امڪاني طور تي اهو رياست طرفان نه آيو، جيڪڏهن انهن وٽ ڪي ثبوت آهن ته پيش ڪن.

هن چيو ته آمريڪي صدر جو بائيڊن منهنجو دوست آهي، مبينا خط واري ڳالهه درست هجي ها ته هو مون سان ضرور ڳالهائي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.