شهباز شريف وفاقي وزيرن سوڌو لنڊن پهچي ويو، نواز شريف سان ملاقات

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ قائد ميان نواز شريف سان ملاقات لاءِ لنڊن پهچي ويو.

ن ليگ نائب صدر مريم نواز لنڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ملاقات جون تصويرون ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون.

هڪ تصوير ۾ شهباز شريف کي وڏي ڀاءُ نواز شريف سان نِوڙي ملندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻي ۾ ٻئي ڀاڪر پائي بيٺل آهن.

مريم نواز ڪيپشن ۾ لکيو ته ماشاالله، اهي ڪيڏا خوش نصيب هوندا آهن، جن کي اهي عقيدتون ۽ محبتون نصيب ٿينديون آهن.

واضح رهي ته لنڊن ۾ اڄ اهم اجلاس طئي آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف ۽ خرم دستگير سان گڏ لنڊن ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.