ممڪن آ ته نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ ئي چونڊون ڪرايون وڃن: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ممڪن آ نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ ئي نومبر ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.

برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو اهو به ٿي سگهي ٿو ته نومبر کان اڳ نگران حڪومت هلي وڃي ۽ نئين حڪومت اچي وڃي، آرمي چيف پاڻ اعلان ڪري چڪو آهي ته کيس مدي ۾ واڌ نه گهرجي، جنرل قمر جاويد باجوا جي ان اعلان کي سٺو سنئوڻ سمجهان ٿو، ان سان اڳڪٿين جا دَر بند ٿي ويا.

هن چيو ته جنرل رٽائرڊ راحيل شريف به ڪڏهن ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو سڌي ريت يا ڪنهن ذريعي مطالبو نه ڪيو، جيڪڏهن ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو سينارٽي لسٽ ۾ هوندو ته ان جي نالي تي بلڪل غور ڪيو ويندو، انهن سڀني نالن تي غور ٿيندو، جيڪي ان فهرست ۾ موجود هوندا.

سندس چوڻ هو ته فوج فيض حميد جو نالو موڪلي ته وزيراعظم وٽ اهو چوڻ جي گنجائش ناهي هوندي ته 5 بدران 3 يا 8 نالا موڪليو.

خواجا آصف چيو ته گذريل مهيني جيڪو ٿيو، اهو موقعو ڏئي ٿو ته اسان هڪ نئين بابت جي شروعات ڪيون، آئين جي مقرر حدن جي پاسداري ڪيون، ان ۾ ئي پاڪستان جي بقا آهي.

ن ليگ اڳواڻ چيو منهنجي راءِ آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو طريقي ڪار 100 سيڪڙو ميرٽ تي هجي، آرمي چيف جي مقرري وڏو اهم معاملو آهي، ان کي سياسي بحث نه بڻائڻ گهرجي، ايندڙ آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي عمران خان پنهنجي ذاتي مرضي پئي چاهي، عمران خان چاهيو ته ان جي سياسي مفادن ۽ حڪمراني جي تسلسل جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.