ڄامشورو: انڊس هاءِ وي تي مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 15 ڄڻا فوت

 

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڄامشوري ۾ انڊس هاءِ وي تي مانجهند ڀرسان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي رضاڪار ۽ پوليس جون ٽيمون اتي پهيچ ويون، 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 18 زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي وڌيڪ 10 زخمي سورن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر وين دادو کان حيدرآباد اچي رهي هئي، جڏهن ته ٽرڪ سيوهڻ ڏانهن وڃي رهي هئي.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.